شهباز بلوچ

شهباز بلوچ

شهباز بلوچ

شهباز بلوچ: ريڊيي، ٽي.وي ۽ اسٽيج اداڪار شهباز بلوچ، 3 اپريل 1965ع تي قادر بخش بلوچ جي گهر حيدرآباد ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم جماعت اسلام هاءِ اسڪول حيدرآباد مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ نور محمد هاءِ اسڪول مان 1980ع ۾، انٽر 1982ع ۾ سنڌ ڪاليج آف ڪامرس حيدرآباد مان، بي.ڪام ۽ 1985ع تي ايم.ڪام 1989ع ۾ ڪيائين. ان کانسواءِ آٽو موبائل ڪورس، ڪوٽڙي مان ڪيائين. هن ايم.سي.بي بئنڪ ۾ اڪائونٽ اسسٽنٽ طور ذميواريون نڀائڻ سان گڏوگڏ 1986ع ۾ پي.ٽي.وي تان مشهور مزاحيه پروگرام ‘چهچٽو’ سان پنهنجي فني سفر جو آغاز ڪيو. جنهن پروگرام جو پروڊيوسر منظور قريشي هو. شهباز بلوچ پي.ٽي.وي تان 30 کان وڌيڪ سيريل ۽ 200 کن سولو پلي ڪيا آهن، جن ۾ امر جليل جو تحرير ڪيل ڊرامو ‘مٽي جا ماڻهو’، علي بابا جو لکيل ‘سون ورنيون دليون ’ ، جنهن ۾ سندس ڪردار ‘ساماڻو پوليس وارو’ تمام گهڻو مشهور ٿيو ۽ اهو ڪردار سندس سڃاڻپ بڻيو. سنڌي ڊرامن کانسواءِ هن مختلف ٽي.وي چئنلن لاءِ اردو ۾ به ڊراما ڪيا آهن. جهڙوڪ: ‘ديا جلائي رکنا’ جيڪو جيو چئنل تان نشر ٿيو، جنهن ۾ به هن انسپيڪٽر اقبال جو ڪردار ڪري گهڻي مڃتا ماڻي. ARY جي ڊراما سيريل ‘دهليز’ ۾ کيس بادشاهه جو رول ڪرڻ تي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ سڃاڻپ حاصل ٿي.
هن جاپان، ٿائيلينڊ، مصر، دبئي وغيره گهميا آهن. کيس فني مڃتا طور ڪيترائي اوارڊ، شيلڊون ۽ سرٽيفڪيٽ مليل آهن. پاڻ اڃا تائين فن جي خدمت ڪندو رهي ٿو ۽ هن وقت حيدرآباد شهر ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ شهباز بلوچھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1965.04.03  عيسوي

ريڊيي، ٽي.وي ۽ اسٽيج اداڪار شهباز بلوچ، 3 اپريل 1965ع تي قادر بخش بلوچ جي گهر حيدرآباد ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بنده بيراگي
سيد مير لطف الله سيوستاني
ٿامس هنٽ مورگن
پير شاهه ڪوثر
آغا عبدالنبي عليگ
سونو مل کنگهاراڻي
ڊاڪٽر ريمنڊ آلچن
ڊيموڪِرِيٽَس يوناني فلاسافر
ميرڻ فقير سولنگي
ڀاڳت فقير
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون